آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سميت 18هن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي خورشيد شاهه سميت ڪيس ۾ نامزد صوبائي وزير اويس شاھ، ايم پي اي فرخ شاھ سميت 18 هن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ..
رپورٽ- اختيار چنا