ڄامشورو: ٿرمل پاور هائوس جي نجڪاري خلاف ملازمن جو مک گيٽ آڏو ڌرڻو

وفاقي حڪومت پاران ٿرمل پاور هائوس جي نجڪاري ڪرڻ خلاف ملازمن پاران مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو ۽ اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي ملازمن نوراحمد سومرو، نصير احمد سيلرو، سميع الله عرف فوجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ٿرمل پاور هائوس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جي نجڪاري ڪري هزارين مزدورن کي بي دخل ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو فيصلو ڪنهن به صورت قبول ناهي، هنن چيو ته وفاقي حڪومت اسٽيل مل جيان ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس کي خساري ۾ ڄاڻائي هزارين ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ بعد انهن کي خانگائڻ چاهي ٿي …

ملازمن مطالبو ڪيو ته ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جي نجاڪاري ڪرڻ واريون سازشون بند ڪيون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……..

رپورٽ- صدر جوڻيجو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.