بابر اعظم پنهنجي آئيڊيل جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته مون کي سٺو لڳندو آهي جڏهن ماڻهو مون مان ڪارڪردگي جي اميد رکندا آهن، مان سدائين پنهنجي ڪم تي ڌيان ۽ پاڻ تي يقين رکندو آهيان.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ نيوزيلينڊ ۾ موجود آهي، جتي هڪ پرڏيهي رسالي کي انٽرويو ڏيندي بابر اعظم چيو ته مان پنهنجي سٺي ريڊ بال ڪرڪيٽر طور سڃاڻپ ٺاهڻ چاهيان ٿو، رنسون نه ڪرڻ جي صورت ۾ بنيادين ڳالهين تي ڌيان ڏيندو آهيان، هاڪاري سوچ رکندو آهيان ۽ صورتحال موجب کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

هن چيو ته مان نيٽ سيشنز جي رٿابندي هڪ رات اڳ کان شروع ڪري ڇڏيندو آهيان، ذميواريون ٻين رانديگرن کان وڌيڪ آهن، ان ئي موجب پلان ڪندو آهيان، پنهنجي آئوٽ ٿيڻ ۽ غلط شاٽس کي ضرور ڏسندو آهيان.

سندس چوڻ هو ته جڏهن منهنجي ٻين سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي پر سٺو لڳندو آهي، پنهنجي لاءِ هدف ۽ چئلينج مقرر ڪندو آهيان، منهنجو آئيڊيل محمد يوسف آهي، ان جي بيٽنگ ڏسي سدائين لطف اندوز ٿيو آهيان.

بابر اعظم چيو ته مون کي پاڪستان لاءِ ميچون کٽڻيون آهن ته جيئن ٽيم کي به فائدو ٿئي، ٽاپ 5 بيٽسمينن ۾ رهڻ سٺو لڳندو آهي پر پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ تسلسل سان پرفارم ڪرڻو پوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.