اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: شيخ رشيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان بند گهٽي ۾ داخل نه ٿئي، ڇو ته پاڪستان ۾ جڏهن سياست بند گهٽي ۾ داخل ٿيندي آهي ته حادثا جنم وٺندا آهن.

راولپنڊي ۾ ريل ڪار جو افتتاح ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪورونا سبب ڇو ته ماڻهو ريل ڪارن ۾ فاصلي سان سفر ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري اسان نئين ريل ڪار جو ساڍي 4 وڳي افتتاح ڪري رهيا آهيون، اسان ٽي ايل اي جي ملازمن کي به درجي درجي سان ڪنفرم ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان ريلوي پهرين آرگنائزيشن هوندي، جيڪا هڪ کان 4 گريڊ جي ملازمن کي پينشن ڏئي رهي آهي ۽ انهن جون 4 ورهين کان رڪيل رهتون به ڏينداسين.

هن چيو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ذميواري سان چوان ٿو ته جلسن سان عمران خان نه ويندو، مولانا فضل الرحمان لٺ جو جواب لٺ سان ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته اها لٺ ناهي، قانون جي عملداري آهي، ڪورونا کان بچاءَ جو اهتمام آهي، بلاول کي پشاور مان ڪورونا ٿيو، پشاور ۽ گوجرانوالا جلسن کانپوءِ ڪورونا وڌيو، ان کان بهتر شهباز شريف جي ڊائلاگ جي ڳالهه آهي ۽ عمران خان چئي چڪو آهي ته نيب ۽ اين آر او کانسواءِ هر معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي.

اسرائيل جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته جنهن ڪابينا ۾ شيخ رشيد هجي ته اتي ڪڏهن اسرائيل تسليم ٿي سگهي ٿو؟ ڪڏهن نه ٿو ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.