حيات پتافي: ويم لاءِ اسپتال آندل عورت جو ٻار فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام

حيات پتافي ويجھو پي پي ايڇ آءِ سينٽر ۾ ويم لاءِ آندل عورت جو ٻار فوت ٿي ويو جنهن جي وارثن ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام هنيو آهي

حيات پتافي جي ڳوٺ دودو نائچ جي رهواسي اعزاز نائچ ميڊيا سينٽر حيات پتافي پهچي پي پي ايڇ آءِ حيات پتافي جي ڊاڪٽرياڻي شمشاد ڪلوڙ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي منهنجي گهر واري جي وقت کان اڳ ڊليوري ڪرائي آهي جنهن ڪري منهنجو معصوم پٽ فوت ٿي ويو آهي ۽ منهنجي گهر واري جي طبيعت خراب آهي جنهن کي ميرپور ماٿيلو جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي .. ايس او ٽي

ڳوٺاڻي مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي خلاف قانون ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي …

رپورٽ- نعيم الله چنڙ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.