ڄامشورو: شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڄامشوري ۾ ايس ٽي پي پاران شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

امجد مستوئي، شبير احمد جوڻيجو، عرفان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي ڄامشورو پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻه هفتا گذري وڃڻ باوجود ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شهيد الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا جيڪا ٽنڊو الهيار پوليس جي نااهلي آهي .. ايس او ٽي

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو ….

رپورٽ- صدر جوڻيجو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.