پاڪستان ۾ سون جي اگهن ۾ وڏي لاٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽن ۾ گهٽتائي سبب مقامي مارڪيٽن ۾ به سون جي مُلهه ڪِري پيو آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 15 ڊالر گهٽتائي کانپوءِ 1772 ڊالرن جي سطح تي پهچڻ سبب مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ به سومر ڏينهن في تولي سون جي قيمت ۾ 1150 ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ 986 رپيا گهٽتائي ٿي.

اگهن ۾ لاٿ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت 108820 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت 93321 رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.