لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو گدلو ترين شهر قرار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) فضائي گدلاڻ تي نظر رکندڙ آمريڪي اداري ”ايئر ڪوالٽي انڊيڪس“ جي تازي رپورٽ ۾ لاهور کي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو گدلو ترين شهر قرار ڏنو ويو آهي، ان انڊيڪس تي 2 سال اڳ به لاهور پهرين نمبر تي اچي چڪو آهي.

ايئر ڪوالٽي انڊيڪس تحت فضا ۾ موجود سنهڙن ذرڙن (پارٽيڪيوليٽ ميٽر) جي ماپ ڪئي ويندي آهي، جنهن کي 0 کان 500 جي وچ ۾ مطلب گهٽ کان گهٽ گدلي ۽ وڌ کان وڌ گدلي جي ترتيب ڏني ويندي آهي.

لاهور اڄ صبح ان انڊيڪس تي 423 اسڪور سان دنيا ۾ پهرين نمبر تي هو، جڏهن ته ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ٻئي نمبر تي رهيو.

ان فهرست ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ دنيا جو ستون نمبر وڏو شهر ڪراچي 151 اسڪور سان 12هين نمبر تي هو.

ان ئي انڊيڪس تي دنيا جو سڀ کان صاف سٿرو شهر بگوٽا (ڪولمبيا) کي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جو اسڪور رڳو 2 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.