مڪمل لاڪ ڊائون جا نعرا هڻندڙ ڪورونا ايس او پيز کي بلڊوز ڪري رهيا آهن: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون جا نعرا هڻندڙ ڪورونا ايس او پيز کي بلڊوز ڪري رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان سان پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي، معاشي ۽ پارلياماني معاملن سميت قانوني ۽ آئيني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم چيو ته معيشت بابت تازا انگ اکر حوصلو ڏيندڙ آهن، ڪورونا سان زندگيون بچائڻ پهرين ۽ معيشت کي مٿي آڻڻ ٻي ترجيح آهي، مڪمل لاڪ ڊائون جا نعرا هڻندڙ ڪورونا ايس او پيز کي بلڊوز ڪري رهيا آهن.

ان موقعي تي بابر اعواڻ چيو ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ 2016 جي ڀيٽ ۾ غير معمولي بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي، حڪومت جون معاشي پاليسيون سڌي رستي تي اڳتي وڌي رهيون آهن، سيڙپڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي به اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، معاشي بهترين ۽ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ حڪومتي ڪوششن کي ريورس ٿيڻ نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.