ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ايم پي اي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير عادل صديقي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
نجي اسپتال جي ترجمان موجب عادل صديقي ڪجهه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ ڦڦڙن جي عارضي ۾ به مبتلا هو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن عادل صديقي کي طبعيت بگڙڻ سبب وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو.