اپوزيشن سان ويڙهه جي حق ۾ ناهيون: شاهه محمود قريشي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن سان ويڙهه جي حق ۾ ناهيون.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامو فوبيا تي پاڪستان جي موقف کي حمايت ملي، ڀارت ڪوشش ڪئي ته ڪشمير مسئلو نه اٿاريو وڃي.

هن چيو ته اپوزيشن سان ويڙهه جي حق ۾ ناهيون، جيڪڏهن اپوزيشن جلسا ملتوي ڪري ته ان جي شان ۾ گهٽتائي نه ايندي، جماعت اسلامي پنهنجا جلسا ملتوي ڪيا آهن، اسان ان جا ٿورائتا آهيون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسد عمر سکر ۾ هڪ ويهڪ ڪئي، ان کي جلسو نٿا چئي سگهون، ان ۾ 300 کان گهٽ ماڻهو هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.