پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جو سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ ملتان ۾ تشدد خلاف جمعي ۽ ڇنڇر تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ملتان ۾ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪامياب ۽ تاريخي جلسي تي ملتان جي عوام کي واڌايون پيش ڪيان ٿو ۽ ناجائز، نالائق حڪومت کي شڪست ڏيڻ تي عوام کي واڌايون پيش ڪيان ٿو، ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ رڳو ڏنڊو ڏيکاريو ته هو ڀڄي ويا.

هن چيو ته ملتان جي شاهراهن ۽ چوراهن کي بند ڪيو ويو، اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو انهن تي تشدد ڪيو ويو پر جهڙي طرح ملتان مان ڀڄايو آهي توهان جو تختو ڪيرائڻ ۾ به ڪامياب ٿينداسين، جڏهن ته ملتان ۾ تشدد جي خلاف جمعي ۽ ڇنڇر تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته ڄي ملڪ جي ڪارڪنن کي پيغام ڏيان ٿو ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٽاڪڙو ٿيندو، جيستائين گدڙ ملڪ ڇڏي ڀڄي نٿا وڃن انهن جو پيڇو ڪرڻو آهي.

مريم نواز:

ان کان اڳ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ملتان وارئو، توهان جي بهادري کي سلام پيش ڪيان ٿي، اڄ چادر ۽ چار ديواري جي پامالي ٿي رهي آهي، اسان جا هٿين خالي ڪارڪن گرفتار پيا ٿين، اسٽيڊيم کي تالا هنيا ويا پر مون چيو ته جلسو ٿئي يا نه پر آئون عوام وٽ ضرور پهچنديس.

هن چيو ته اڄ شريف خاندان تي هڪ ڀيرو ڏک جو جبل ٽٽو آهي پر 22 ڪروڙ عوام جي ڏک جي سامهون اسان جو ڏک ڪجهه ناهي، نواز شريف چيو ته عوام جي ڏکن تي پنهنجا ذاتي ڏک قربان ڇو ته اڄ عوام کان روزگار کسڻ، ڪاروبار کي تالا لڳڻ جو ڏک آهي، اڄ ماني 30 رپيا ٿيڻ ۽ چلها ٿيڻ جو ڏک آهي، عوام جي گهرن ۾ ڏک آهن، الله تعاليٰ دشمن به ڪنهن کي ڏئي ته ظرف وارو ڏئي.

سندس چوڻ هو ته اسان الميو اِهو آهي ته اسان کي دشمن به مليو ته گهٽ ظرف وارو، هڪ عورت وزير چيو ته نواز شريف پنهنجي ماءُ جو لاش پاڪستان پارسل ڪري ڇڏي، منهنجو پيءُ لنڊن ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ نه پيو کيڏي، نواز شريف جهڙو فرمانبردار پٽ سڄي پاڪستان ۾ ڳولهي ڏيکاريو، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کان پوءِ هن جي خاندان کي جنازي جي نماز پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي، اڪبر بگٽي کي قتل ڪيو ويو ۽ هن جي وارثن کي جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ قاتلن کي ملڪ کان ٻاهر فرار ڪرايو ويو.

مريم نواز چيو ته ڇا ڪير به مشير کي هڪ ڏينهن به جيل ۾ رکي سگهي ٿو؟ ڪا ڪنهن ۾ ايتري همت آهي جو مشرف کي پاڪستان واپس آڻي سگهي؟ هاڻ هي حڪومت ڪورونا وائرس جي پٺيان پئي لڪي پر هي ڪورونا نه حڪومت وڃڻ جو روئڻ آهي، هي ڪهڙو وائرس آهي جيڪو حڪومت جي جلسن ۾ نه رڳو پي ڊي ايم جي جلسن ۾ ايندو آهي، ڪورونا پهرين پڇندو آهي ته پي ڊي ايم جو جلسو آهي ته آئون اندر وڃان ۽ جيڪڏهن تحريڪ انصاف جو جسلو آهي ته واپس هليو وڃان.

سندس چوڻ هو ته عمران ميٽرو بس کي جهنگلا بس چوندو هو هن پشاور ۾ بي آر ٽي بڻايو جو هلي گهٽ سڙي گهڻو پيو، عوام ڄاڻي چڪو آهي ته توهان جي هر واعدي جيان ڏکڻ پنجاب صوبو به فراڊ هو، اناڙي پاڪستان جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل آهي، عليمه باجي سلائي مشين سان اربين رپيا ڪمايا پر ماڻهو ايماندار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.