ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ بابر غوري جي دور ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن جي برطرفي جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير بابر غوري جي دور ۾ غير قانوني ڀرتين جي معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت ملازمن جي برطرفي خلاف درخواستون منظور ڪري ورتيون ۽ 1200 ملازمن جي برطرفي جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جون 2012 کان مارچ 2013 دوران 1200 ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويو ۽ 2016 ۾ سڀني ملازمن کي مستقل ڪيو ويو هو، ملازمن کي ضابطي موجب ملازمت ڏني وئي ۽ قانون موجب مستقل ڪيو ويو پر ملازمن کي سياسي ڀرتي جو الزام هڻي برطرفي جو نوٽيس ڏنو ويو.
عدالت پنهنجي مختصر فيصلي ۾ ملازمن جي برطرفي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.