سوشل ميڊيا تي ويڙهه جو معاملو عدالت پهچي ويو، ايف آءِ اي کي ڇنڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ويڙهه جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچڻ تي چيف جسٽس اطهر من الله ايف آءِ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي گروپن ۾ ويڙهه بابت ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ايف آءِ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي گروپن ۾ ٿيندڙ ويڙهه تي جيڪڏهن ايف آءِ اي ڪارروائي ڪرڻ لڳي ته پوءِ باقي ڪم ته رهجي ويا.

عدالت چيو اهو ته عام مفاد جو سوال به آهي، ايف آءِ اي ذاتي جهيڙن ۾ پوندي ته اصل ڪم ڪير ڪندو؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي کي هاڻ عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جهيڙا ايف آءِ اي جي اختيار جي دائري ۾ آهن.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سائبر ڪرائم جي معاملي تي ايف آءِ اي وٽ تربيت يافته جاچ آفيسر ڪيترا آهن؟

عدالت ايف آءِ اي جي عورت آفيسر کان پڇيو ته ڇا توهان کي سائبر ڪرائم بابت ڪا ٽريننگ به ڪرائي وئي آهي؟

عورت آفيسر جواب ڏنو ته ها اسان کي هڪ مهيني جي ٽريننگ ڏني وئي هئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هڪ مهيني ۾ توهان کي ڇا سيکاريو ويو هوندو؟

ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته اسان کي سائبر ڪرائم قانونن بابت بنيادي ٽريننگ ڏني وئي هئي.

عورت آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ٻن عورتن طرفان درخواست وصول ٿي هئي، عورتن ۾ جهيڙو ڪورونا متاثرن جي بحالي جي نالي تي تنظيم ٺاهڻ ۽ ان ۾ فنڊن جي استعمال تي ٿيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدالت کي مطمئن ڪيو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ويڙهه ايف آءِ اي جي اختيار جو دائرو ٿئي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.