ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 40 فوتگيون،2 هزار 839 نوان ڪيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وبا سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 8025 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 33 هزار 302 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪوويڊ -19 ٽيسٽن جو انگ 55 لک 8 هزار 810 ٿي ويو آهي.

ڪورونا جي مريضن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 839 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديقي ڪيسن جو انگ 3 لک 98 هزار 24 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 1 لک 73 هزار 14، پنجاب ۾ 1 لک 19 هزار 35، بلوچستان ۾ 17 هزار 158، خيبرپختونخواهه ۾ 47 هزار 190، اسلام آباد ۾ 30 هزار 123، آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 855 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 649 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

صحتياب مريضن جو انگ:

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 613 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ان وبا جي خلاف جاري جنگ کٽيندڙن جو انگ 3 لک 41 هزار 423 ٿي ويو آهي.

فوت ٿيلن جو انگ 8000 کان ٽپي ويو:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان وڌيڪ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن هاڻ ان وبا سبب فوت ٿيل تصديقي مريضن جو انگ 8025 ٿي ويو آهي.

2046 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي:

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ وڌي 48 هزار 576 ٿي ويو آهي، جنهن مان 2 هزار 46 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.