آغا سراج دراني ۽ گهر ڀاتين تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني تي هڪ سال کانپوءِ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ نيب طرفان آغا سراج دراني ۽ سندس گهر ڀاتين تي هڪ ارب 61 ڪروڙن جا مبينا طور غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت هڪ سال کانپوءِ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

عدالت آغا سراج دراني، گهر ڀاتين ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو پر جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ نيب پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ ٻڌڻي شاهد پيش ڪري، ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.

عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ڪارروائي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.