پيرو لاشاري کي گئس ۽ واٽر سپلاءِ ڏيو، عوامي اتحاد پاران احتجاج

پيرولاشاري ( رپورٽ: عاجز سنڌي ) پيرولاشاري ۾ عوامي اتحاد پاران پيرولاشاري جي بنيادي مسئلن  جي حل لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھروڪيو ويو، جيڪو المرتضي پيٽرول پمپ کان ٿيندي شھرجي مختلف بازارن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتو، مظاھرين کي خطاب ڪندي مير فيصل ٽالپر، ميرنظيرٽالپر، احساس  ٽالپر، مولوي مھراڻ جمالي ۽ ٻين چيوته پيرولاشاري جي 35 ھزار کان مٿي آبادي تي مشتمل آھي،پر بدقسمتي سان ھتي گئس  صحت مرڪز ۽ واٽرسپلائي جھڙي ڪابه سھولت ناھي ھيڏي وڏي آبادي باوجود پيرولاشاري شھرکي ٽائون جو درجو نه ڏنو ويو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته پيرولاشاري جي چئني طرفن کان گئس ھئڻ جي باوجود پيرولاشاري شھرکي گئس صحت مرڪز ۽ واٽرسپلائي کان محروم آھي، ھنن ايم پي اي .ايم اين اي ۽ وفاقي حڪومت ۾ ويٺل ھتان جي تڪ جي ايم  اين اي  فھميدا مرزا کي چونڊن ۾ ڪيل واعدا ياد ڏياريندي اپيل ڪئي ته چونڊون وري به اچڻيون آھن. ٻئي طرف سوين شھرين وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد پيرولاشاري کي گئس اسپتال ۽ واٽرسپلائي ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج بدين  ضلعي کان سي ايم ھائوس لاءِ رخ ڪري سگھي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.