راڌڻ لڳ فوت ٿيل نوجوان جو فيصلو، 4 لک ڏنڊ

راڌڻ ( ن ع آ ) ميهڙ ۾جانوري هائوس تي سردار شير افضل وقار خان جانوري  جي سرپئنچي ۾ راڌڻ لڳ ڳوٺ امام بخش جانوري۾  ڪجھه ڏينهن پهرين مبينا منشيات واپرائڻ سبب فوت ٿيل گلزار جانوري ۽ الزام هيٺ آيل نواب زرداري جي ڌرين ۾ راڄوڻو فيصلو قران پاڪ تي ڪيو ويو،  جنهن ۾ ڌرين جي ڳالهين بعد ڌرين جي مشيرن حاجي بچل عرف غلام عباس زرادري ۽ ايڊيوڪيٽ اعجاز مصري جانوري، امير علي زرداري، شھاب الدين جانوري جي مشاورت سان زرداري ڌر تي 4 لک ڏنڊ وڌيو ۽ ٻين مسئلن پراڻي قديمي نيره قبرستان تان زرداري ڌر جو قبضو ۽ گهر جي گهٽين تان روڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ٻيو زهريلو نشو ختم ڪرڻ جو زرداري ڌر جي مشير جاجي بچل عرف غلام عباس زرداري ختم ڪرائڻ جو زميواري کنئي جڏهن ته زرداري جانوري فيصلي جي سرپنچ سردار شير افضل عرف وقار خان جانوري اها پڻ فتويٰ ڏني ته آئينده جيڪا ڌر به اڳرائي ڪندي ان مٿان اڳرائي ڪرڻ جا پنج لک ڏنڊ هوندو جنهن بعد ڌريون پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويا، جنهن کانپوءِ معززن جي چوڻ تي زرداري جي ماڻھن  مرحوم گلزار جانوري جي تڏي تي وڃي سندس وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.