سيٺارجا لڳ پلاٽ تان جهيڙو، فائرنگ، متاثرن جو احتجاج

سيٺارجا ( رپورٽ: علي نثار آرائين )سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش سوڍڙو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،جنهن ۾ هڪ ڌر مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي واقعي خلاف متاثر ڳوٺاڻن  حامد علي، فدا حسن، راشد،نياز علي،اربيلو، الهوسايو عرف موالي، دائم، نور حسين، خيرمحمد، علي اڪبر جمعدار ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن الزام مڙهيو ته جوابدارن قيوم عرف ڪيوڙو، امام الدين، شمس الدين، ياسر، ظهير،آصف، بابر،پرويز، نجم ۽ ٻين اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي قبضو ختم ڪرڻ لاءِ چيوسين ته  اسان مٿان فائرنگ ڪري مارڻ چاهين پيا اسان پنهنجي جان بچائي سيٺارجا ٿاڻي تي پهتاسين ته الٽو ايس ايڇ او اسان مٿان ڏمرجي ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو هنن چيو ته اسان جي مخالفن کان ڳري رشوت وٺي سيٺارجا پوليس اسان کي ڌمڪائي رهي آهي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري پلاٽ تي ٿيل قبضو ختم ڪرايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.