آرڊيننس وسيلي سنڌ تي قبضو نٿو ڪري سگھجي: نواز خان زئور

نوابشاهه ( ڊ ر )جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڏنگي ۽ بُنڊار ٻيٽن تي وفاق جي قبضي وارين ڪوششن، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ سنڌو نديءَ ۽ ان جي ڀرتو درياهن مٿان ڀاشا ڊيم، اکوڙي ڊيم ۽ مهمند ڊيم سميت ٻين ڊيمن ٺاهڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي. بک هڙتال جي اڳواڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، حبدار ميرجت، هالار رتڙ، زاهد زهراڻي، دودو سيال ۽ حاجن شر ڪئي. جڏهن ته سنڌ ترقي  پسند پارٽي جي اڳواڻ انيلا رفيق ملاح، جسقم اڳواڻ علي رضا خاصخيلي، ايس يو پي اڳواڻ گل محمد رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان مو قعي تي موجود سوين ماڻهن پاران ”ٻيٽن تي وفاق جو قبضو نامنظور، ڪارونجهر جي ڪٽائي نا منظور، ڀاشا ڊيم نامنظور، ڊيم سمورا نا منظور، ڌاري آبادڪاري نامنظور، سنڌ سان ناانصافيون بند ڪريو، پيڊا نامنظور ۽ وفاقي قبضو نامنظور“ جا نعرا هنيا ويا. بک هڙتالي ڪيمپ تي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته صدارتي آرڊيننس وسيلي سنڌ تي قبضو نٿو ڪري سگھجي. وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي واريون ڪوششون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون. انهن کي ناڪام بنائينداسين. صدارتي آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو ٻيٽن جي سال تي منافقاڻو ڪردار آهي، اها وفاق سان ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ واري رٿا ۾ سنڌسرڪار  برابر جي شريڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.