خانپور لڳ پوليس جي ڪاهه، ڀڃ ڊاهه، احتجاج

خانپور ( ن ع آ ) خانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير محمد سنجراڻي ۾ گذريل رات دير سان شڪارپور پوليس جي چڙهائي پوليس جي ناجائزي ۽ چڙاهي خلاف ڳوٺ خير محمد سنجراڻي جي رهواسين رئيس محمد يعقوب سنجراڻي ،عبدالوهاب ،حبيب الله ،عبدالحميد ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام لڳائيندي چيو ته گذريل رات دير سان شڪارپور پوليس اسان جي گهر ۾ بلاجواز داخل ٿي اسان جي گهر ۾ ڀڄ ڊاھ ڪئي ۽ اسان جي عورتن تي تشدد به ڪيو اسان جي معصوم ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو گهر جي تلاشي ورتي ۽ گهر ۾ پيل روڪ رقم 30 هزار ۽ اسان جا 2 ماڻهو حبيب الله سندن چاچي کي کڻي وئي ڳوٺاڻن موجب ته پوليس جو چوڻ هو ته توهان جي همراھ هڪ عورت ڀڄائي کڻي ويو آهي جڏهن ته اسان جي مٿان ڪو ڪيس به داخل ناهي اسين مزدور آهيون مزوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون پوليس ڪجھ ڪلاڪن بعد اسان جي همراهن کي انڊس هاء وي افضل پمپ ڀرسان ڦٽو ڪري وئي اسان سان شڪارپور پوليس ناجائزي ڪئي آهي اسين ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪريون ٿا ته بلاجواز اسان جي گهر داخل ٿيل پوليس چڙهائي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.