دولتپور صفن لڳ آفيسرن 20 ايڪڙ فصل ڀيلائي ڇڏي، احتجاج

دولتپورصفن  ( ن ع آ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تحت ضلعي شهيد بينظيرآباد جي فاريسٽ آفيسر ذيشان علي ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ پوليس جي وڏي نفري ۾ دولتپورصفن جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آفيسرن طرفان مختلف آبادگارن جي سروي زمين تي به ٽريڪٽر وهرائي زمين تي ڪاهيل بيٺل فصل بصر ، مرچ مجموعي طور تي 20 ايڪڙن فصل ڀيلائي ڇڏيو ، ان سلسلي ۾ مختلف آبادگارن غلام علي اوٺو ، حاجي پريو هوٿيپوٽو ، رسول بخش ڏاهري ۽ ٻين دانهيندي چيوته ڊي ايف او شهيد بينظيرآباد ذيشان علي ڀنڀرو اسان جي ذاتي سروي زمينن تي ڪاهيل فصل ڀيلائي ڇڏيا ۽ سروي زمين جو رڪارڊ روينيو کاتي ۾ آهي ۽ ٻيلي کاتي ۾ اسان جي زمين نه ٿي اچي،

ڊي ايف او شهيد بينظيرآباد ذيشان علي ڀنڀرو خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.