سکر ۾ مسافر وين اونڌي، 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب سکر جي علائقي سانگي ۾ مسافر وين اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، حادثي جو شڪار وين پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون روانيون ٿي ويون آهن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن کي طبي امداد ڏني وئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.