ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ انتظاميا پي ڊي ايم جي جلسي کي ڏسندي ڪارروائيون تيز ڪندي جلسي گاهه ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جي نفري مقرر ڪري ورتي.
اپوزيشن اتحاد طرفان سڀاڻي هر صورت ۾ قلعي ڪهنه قاسم باغ ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ڪارڪنن کي سموريون رنڊڪون ٽوڙي جلسي گاهه پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
مخالف ڌر جي اعلان کانپوءِ انتظاميا به ايڪشن ۾ اچي وئي آهي ۽ قلعي ڪهنه قاسم باغ سان لاڳاپيل چوڪ گهنٽا گهر جي ڀرپاسي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري رنڊڪون ڪيون ويون آهن.
ملتان شهر جي روڊن تي ٽرڪن ۽ ٽرالين سان رنڊڪون بيهاريون ويون آهن ۽ قلعي ڪهنه قاسم اسٽيڊيم ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.
انتظاميا طرفان گهنٽا گهر چوڪ لوهاري گيٽ، ڪچهري روڊ، حسين آگاهي روڊ، دولت گيٽ روڊ، حضوري باغ روڊ ۽ ابدالي روڊ تي ڪنٽينر رکي رنڊڪون قائم ڪيون ويون آهن.
ملتان ۾ انتظاميا مختلف ضلعن مان پنجاب پوليس جي واڌو نفري به طلب ڪئي آهي، جڏهن ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ رٻڙ جي گولين جو انتظام به ڪيو ويو آهي.
اسٽيڊيم کي ڪارڪنن کان خالي ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر تالا هنيا ويا آهن ۽ اسٽيڊيم مان سياسي اڳواڻن جا پينا فليڪس ۽ بئنر به لاٿا ويا آهن.