افغانستان ۾ وري رتوڇاڻ، سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 34 ڄڻا مارجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀر صوبي غزني ۾ اڄ آچر ڏينهن هڪ فوجي اڏي تي آپگهاتي ڪار حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا.

ٻئي حملي ۾ افغانستان جي ڏکڻ حصي ۾ هڪ آپگهاتي بمبار زابل صوبي جي صوبائي سربراهه جي گاڏين جي قافلي کي نشانو بڻايو.

ان حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 12 زخمي پڻ ٿيا، جن ۾ ٻار به شامل آهن.

صوبائي ڪائونسل جو سربراهه عطا جان حق بايت ان حملي ۾ محفوظ رهيو پر مارجي ويلن ۾ ان جو هڪ باڊي گارڊ به شامل آهي.

اڃا تائين انهن ٻنهي حملن جي ذميواري ڪنهن قبول ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.