”رياست جي رٽ چئلينجن ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جهڙي وبا دوران عوام جون زندگيون خطري ۾ نٿا وجهي سگهون، رياست جي رٽ چئلينجن ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته بوزدار حڪومت گهڙي گهڙي چئي چڪي آهي ته ڪورونا وائرس جهڙي وبا دوران عوام جون زندگيون پي ڊي ايم جي سياسي بيروزگارن حوالي ڪري خطري ۾ نٿا وجهي سگهون.

هن چيو ته پي ڊي ايم جلسن جي پرواهه ناهي پر عوام جي زندگين جو تحفظ بنا فرق اسان کي عزيز آهي، ڀلي اهي ڪنهن به جماعت جا هجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.