ايگريڪلچر کاتي جي گريجوئيٽ فيلڊ اسسٽنٽس جو پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ جي گريجوئيٽ فيلڊ اسسٽنٽس پاران پروموشن نه ملڻ خلاف پريس ڪلب مير پور خاص آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عزيز احمد بنگلاڻي، محمد شريف لغاري، منظور ناريجو. رميش ۽ ٻين چيو ته ڊپارٽمينٽل نوٽيفڪيشن مطابق کاتي ۾ 5 سال سروس ڪندڙ گريجوئيٽ فيلڊ اسسٽنٽ کي ڊي پي سي ذريعي اڳين گريڊ ۾ ايگريڪلچر آفيسر طور ترقي ڏيڻ لازمي آهي پر 10 سال گذرڻ باوجود ترقي واري حق کان محروم رکيو ويو آهي.

هنن چيو ته  هو زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جا گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊر آهن، پر کين ترقي ڏيڻ بدران کاتي ۾ خالي پيل ايگريڪلچر آفيسر جون 243 پوسٽون بجيٽ سميت غيرقانوني طور چائنا ڪٽنگ ذريعي رشوت من پسند ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن جيڪو عمل سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ۽ توهين عدالت آهي.

ملازمن چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ
ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ايگريڪلچر آفيسر جون 243 پوسٽون واپس ڪرائي  جلد ز جلد ڊي پي سي ويهاري سمورن گريجوئيٽ فيلڊ اسسٽنٽس کي پروموشن ڏياري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.