ڄامشورو : دڪاندارن جوڳ لمس ڪالوني ۾ الاٽ ٿيل ڪواٽر خالي ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لمس ڪالوني ڄامشوري  جي دڪاندارن پاران  الاٽ ٿيل ڪواٽر خالي ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي رهائشي ڪالوني ۾ قائم دڪانن جي نالي تي الاٽ ٿيل ڪواٽر خالي ڪرڻ لاء ڪالوني چيئرپرسن مسرت ابڙو پاران نوٽيس جاري ڪرڻ خلاف دڪاندارن اختر حسين قريشي , دودو خان ميرجت , ذوهيب خٽڪ ۽ ٻين پاران شٽڙ بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي احتجاج ڪندڙ دڪاندارن جو چوڻ هو ته گذريل 30 سالن کان ڪالوني ۾  دڪانداري ڪري پنهنجو گذر سفر  ڪري رهيا آهيون،  دڪانن جي نالي  تي الاٽ ٿيل ڪواٽرن جي مسواڙ به وقت سر ادا ڪرڻ باوجود بناجواز ڪواٽر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جاري ڪيل نوٽيس واپس ورتا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڪالوني چيئرپرسن مسرت ابڙو ٻڌايو ته پنهنجي ڪالوني هجڻ باوجود اسان جي يونيورسٽي جا ملازم رهائش لاء دربدر آهن تنهن ڪري دڪانن جي نالي تي ڪواٽر الاٽ نٿا ڪري سگهجن ان ڪري  دڪاندار کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميا سان رابطي اچن ته جيئن مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.