گهوٽڪي: جسڪاڻي ويلفيئر ايسوسئيشن پاران الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

گهوٽڪي ۾ جسڪاڻي ويلفيئر ايسوسئيشن پاران الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب کان پپل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ٽنڊوالهيار پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ,

ان موقعي ته جسڪاڻي ويلفيئر ايسوسئيشن جي اڳواڻ خدابخش, محمد رمضان, شوڪت علي , اصغر علي جسڪاڻي , ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ته الطاف جسڪاڻي جي قتل کي ٻه هفتا گذرڻ باوجود پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

چيو ته الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري تائين جسڪاڻي برادري سراپا احتجاج هوندي.

احتجاج ڪندڙن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس،  آء جي سنڌ ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي  الطاف جسڪاڻي جي قاتل ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.