ٺٽو: شهرين جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شھري رستن تي نڪري آيا، شھرين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شھرين محمد حسن سولنگي، جاويد غني ميمڻ، سلمان جاکرو، عرفان شيخ، رفيق سولنگي ۽ ٻين چيو ته ٺٽي شھر ۾ گذريل 15 ڏينھن کان پاڻي نه آهي ۽ شهري پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آھن پر انتظامي پاڻي جي فراھمي لاءِ ڪي به  قدم ناھن کنيا، جڏهن ته تڪ جا چونڊيل نمائيندا به خاموش آهن.

هنن چيو ته شھري پيئڻ لاءِ پاڻي به پئسن تي خريد ڪري رھيا آھن. پاڻي کوٽ جو معاملو سنگين ٿي رھيو آھي  پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل کاتي جي اختيارين جي نااھلي سبب گھڻي عرصي کان پاڻي جو مسئلو حل ناهي  ٿي سگھيو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جلد ٺٽي ۾ پاڻي جي فراھمي کي يقيني بنائي رھواسين کي عذاب واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.