گلشن اقبال: ڏاهري ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ثقافتي تقريب

  ڏاهري ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران  صفورا ڳوٺ  ۾ رنگا رنگ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ڏاهري برادري سميت مختلف مڪتب فکر جي ماڻهن اجرڪ ۽ ٽوپيون  پائي  شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ صوفي فنڪارن صوفياڻا ڪلام ٻڌائي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو.

  ان موقعي تي منظور ، علي نواز ، ڊاڪٽر برکت ، گل محمد ڏاهري  ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ثقافت قديم ۽ عظيم آهي ، جيڪا اسان.کي ورثي ۾َ ملي آهي  امن جي علامت سمجهي ويندڙ ثقافت کي ڀرپور طريقي سان ملهائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.