پنجاب حڪومت پي ڊي ايم کي خبردار ڪري ڇڏيو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام کي ڪورونا کان بچائڻ اسان جو فرض آهي، صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪجهه ٻار ابو بچايو تحريڪ ذريعي قوم جي ٻارن کي اوزار بڻائي رهيا آهن، اها راند حڪومت ڪيرائڻ لاءِ نه پر ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ کيڏي پئي وڃي، ان جا پيرا ڪٿان ٿا اچن اسان ڄاڻون ٿا.

هن چيو ته اپوزيشن جي تحريڪ ۾ دم ناهي، ن ليگ جنازي واري ڏينهن به ملتان ۾ قانون جا بخيا اڊيڙيا، اسان قانون کي طاقتور کان آزاد ڪرائينداسين، طاقتور کي قانون جي ماتحت آڻينداسين، توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو پر قانون پنهنجو رستو ضرور اختيار ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.