اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن ڪيسن ۾ رليف تي ڳالهائڻ چاهي ٿي پر وزيراعظم راضي ناهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، جمهوريت ۾ اپوزيشن کانسواءِ ڪم نٿو ڪري سگهجي، حڪومت کي سڌارن ۽ قانون سازي لاءِ اپوزيشن جي ضرورت هوندي آهي، مسئلو اهو آهي ته اپوزيشن رڳو ڪيسن تي ڳالهيون چاهي ٿي ۽ وزيراعظم ان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي.
هن چيو انڌي کي به نظر اچي رهيو آهي ته هنن حالتن ۾ جلسو ڪرڻ مناسب ناهي، يا ته اسان سڄي قيادت کي جيل ۾ وجهي ڇڏيون ته جيئن جلسو نه ٿئي يا وري عوام فيصلو ڪري ته اهي ماڻهو ڪير آهن، اپوزيشن کي جيل ۾ وجهنداسين ته چوندا ظلم ٿي ويو، جمهوريت خطري ۾ پئجي وئي.
سندس چوڻ هو ته پشاور ۾ ناڪامي کانپوءِ ملتان جو جلسو پي ڊي ايم لاءِ سياسي جوا آهي، اپوزيشن ۾ ٿورو به عقل آهي ته جلسو رد ڪري.