ايران جي ڌمڪي کانپوءِ اسرائيل دنيا ۾ پنهنجي سفارتخانن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو

 

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايراني جوهري سائنسدان محسن فخري زاده جي قتل کانپوءِ اسرائيل سڄي دنيا ۾ پنهنجي سفارتخانن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو.

ايراني اعليٰ قيادت شاهديون پيش ڪرڻ بنا ان قتل جو الزام روايتي مخالف ملڪ اسرائيل تي هنيو آهي ۽ پلاند وٺڻ جون ڳالهيون به ڪيون آهن.

ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته سينيئر ايٽمي سائنسدان محسن فخري زاده جي قتل جو پلاند صحيح وقت تي وٺنداسين.

اهڙين ڌمڪين کانپوءِ اڄ ڇنڇر ڏينهن اسرائيلي اختيارين سڀني سفارتخانن تي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي.

واضح رهي ته اسرائيلي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ تهران ۾ فخري زاده جي قتل تي تبصري کان پاسو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.