سگا پاران الحمرھ آرٽ ڪائونسل لاهور ۾ ”ھو جمالو“ جي عنوان سان ثقافتي تقريب

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن لاهور پاران سنڌ ڪلچر ڊپارٽمنٽ جي سهڪار  سان الحمرھ آرٽ ڪائونسل لاهور  ۾ ھو جمالو جي عنوان  سان شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي ـ

جنهن ۾ لاهور ۾ رھندڙ سنڌي ماڻهن پنهنجي فيمليز سان شرڪت ڪري ڀرپور انجواء ڪيو.

تقريب ۾ سنڌ کان آيل فنڪار شوڪت فقير سنڌي , پنجابي ۽ سرائڪي ۾ سر وکيري تقريب ۾ موجود ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

ان موقعي تي ڊي جي الحمراھ آرٽ ڪائونسل صمن راء عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو تـ اسين سڀ ھڪ تھذيب "انڊس سولائيزيشن” جو حصو آھيون،  پاڪستان جون سموريون ثقافتون اسانجون پنهنجون آھن ـ ھڪ ٻئي جي ثقافت جو احترام ڪرڻ ۽ ان کي گڏجي ملهائڻ  سان محبتن ۾ اضافو ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.