ملازمن بدران عمران خان کي برطرف ٿيڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي رحم حڪومت اسٽيل ملز جي 4500 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو، پ پ اسٽيل ملز جي سمورن برطرف ملازمن کي بحال ڪندي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بلاول ڀٽو زرداري خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ان تاريخي صنعتي اثاثي جي ايراضي جا مالڪ سنڌ واسي آهن.

هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ کي ان معاشي قتل کان فرار ٿيڻ نه ڏينداسين، ملازمن بدران عمران خان کي برطرف ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.