شاهه محمود قريشي اماراتي وزير سان پاڪستانين جي ويزا جو معاملو اٿاري ڇڏيو

 

نيامي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اماراتي وزير سان پاڪستاني شهرين جي ويزا جو معاملو اٿاري ڇڏيو.

نائيجر ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي شاهه محمود قريشي اماراتي بين الاقوامي سهڪار جي معاملن واري وزير ريم الهاشمي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ ڪورونا صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻنهي وزيرن ايندڙ سال دبئي ۾ ٿيندڙ ”ايڪسپو“ پاڪستان جي شرڪت جي حوالي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته اماراتي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 47هين اجلاس جي موقعي تي شاهه محمود قريشي جي خطاب کي ساراهيو.

ان موقعي تي شاهه محمود قريشي پاڪستان شهرين کي يو اي اي جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ پيش ڏکيائين بابت به آگاهه ڪيو ۽ پاڪستانين لاءِ ويزا ڏکيائين جي جلد ازالي جي ضرورت تي زور ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.