سام سنگ کي 6 ورهين کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي معيشت  سان گڏوگڏ ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي  پر ان دوران ڪورين ٽيڪنالوجي ڪمپني سام سنگ کي ڪيترن ئي ورهين کان پوءِ وڌيڪ فائدو ٿيو آهي.

هن ڀيري ڪورين ٽيڪنالوجي ڪمپني سام سنگ کي عالمي مارڪيٽ ۾ 6 ورهين دوران سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيو آهي ۽ سام سنگ فائدي ۾ مختلف وڏين وڏين ڪمپنين کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

هلندڙ سال ٽين ٽي ماهيءَ  ۾ سام سنگ کي 32.6 سيڪڙو فائدو ٿيو جڏهن ته ڪمپني کي 2019ع ۾ انهيءَ ٽئي ماهي دوران 18.8 سيڪڙو فائدو ٿيو هو.

سام سنگ کي  هلندڙ سال 32.6 سيڪڙو واڌ گذريل 6 ورهين ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو سمجهيو پيو وڃي.

ڪورين ڪمپني موجب ماضي ۾ کين سڀ کان وڌيڪ فائدو 2014 جي ٻين ٽي ماهي ۾ ٿيو هو جيڪو 37.9 سيڪڙو هو.

سام سنگ جي ايتري قدر وڌيڪ فائدي باوجود آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ڪمپني آهي جنهن هلندڙ سال ٽي ماهي ۾ 60.5 سيڪڙو منافعو ڪمايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.