وفاق سنڌ حڪومت کي اسٽيل ملز ليز تي ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير حماد اظهر پاڪستان اسٽيل ملز مان هزارين ملازم ڪڍڻ جي حڪومتي فيصلي جو بچاءُ ڪندي چيو آهي ته هر برطرف ملازم کي 23 لک رپيا ڏنا ويندا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز قومي اثاثو آهي پر ماضي ۾ جيڪو ٿيو اها ڪرپشن جي ڪهاڻي آهي، ان کي سڌو ڪرڻ لاءِ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.

هن چيو ته 2008 ۾ اسٽيل ملز منافعي بخش ادارو هو، ان وقت اسٽيل ملز جي اڪائونٽس ۾ 8 ارب رپيا پيا هئا، 55 ارب رپيا حڪومت پينشن ۽ پگهارن جي مد ۾ ادا ڪري چڪي آهي ۽ بند ملز جي ملازمن کي 75 ڪروڙ ماهوار پگهار جي مد ۾ ادا ڪرڻا پون ٿا، هن وقت اسٽيل ملز جا 670 ملازم موجود آهن.

وفاقي وزير ملازمن کي ڪڍڻ جي فيصلي جي وضاحت ڪندي چيو اسان کي خبر آهي ته ان معاملي تي سياست ٿيندي، جيڪڏهن وقتائتا فيصلا ٿين ها ته ايترا پئسا نه لڳن ها، اهي پئسا مختلف شعبن تي لڳايون ها ته هزارين نوڪريون پيدا ٿين ها.

سندس چوڻ هو ته 2 هزار اربن کان وڌيڪ قومي ادارن کي نقصان آهن، سرڪاري ادارن جا نقصان اسان جي دفاعي بجيٽ کان وڌيڪ آهن پر جن ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي، انهن کي في ملازم 23 لک رپيا ڏينداسين.

هن دعويٰ ڪئي ته پ پ جي دور ۾ اسٽيل ملز خساري ۾ وئي ۽ ن ليگ جي دور ۾ اسٽيل ملز بند ٿي وئي  پر هن حڪومت اسٽيل ملز بابت معاشي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ۽ اسٽيل ملز کي 92 ارب رپين جو بيل آئوٽ پيڪيج ڏنو ويو.

حماد اظهر چيو ته ساڍا 9 هزار ملازم آهن، جن مان پهرين مرحلي ۾ 4 هزار ملازمن کي ڪڍيو ويندو، سرڪاري ادارن ۾ ملازمن جون ماضي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون.

سنڌ حڪومت کي اسٽيل ملز ليز تي ڏيڻ جي آڇ ڪندي هن چيو ته اسٽيل ملز جي 13 سئو ايڪڙ زمين ليز تي ڏني ويندي، سنڌ حڪومت کي دعوت ڏيون ٿا ته اها اوپن ٻولي ۾ اچي حصو وٺي، سنڌ حڪومت سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏئي ٿي ته وٺي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.