اداڪارا مريم نفيس به ڪورنا وائرس جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر دوران جتي عام ماڻهو تيزي سان ان جو شڪار بڻجي رهيا آهن، اتي سياسي، سماجي ۽ شوبز شخصيتون به ان مان متاثر ٿي رهيون آهن.

 هاڻ اداڪارا ۽ ماڊل مريم نفيس کي به ڪورنا وائرس ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

 اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ قرنطينه ۾ ورتل سيلفي شيئر ڪندي مداحن کي آگاهه ڪيو ته هن کي به ڪورونا ٿيو آهي ۽ گڏوگڏ هن مداحن کي صحتيابي لاءِ دعائن جي به اپيل ڪئي.

مريم نفيس ٻڌايو ته هن ڪورونا علامتون ظاهر ٿيڻ بعد ٽيسٽ ڪرائي، جيڪا بدقسمتي سان هاڪاري آئي، جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪيو. اداڪارا مداحن کي ڪورونا کان بچاءَ جي هدايت ڪندي فيس ماسڪ استعمال ڪرڻ ۽ سماجي وٿي اختيار ڪرڻ جو به چيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.