ملتان جلسو: پي ڊي ايم ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙي جلسي گاهه ۾ داخل

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ پي ڊي ايم جلسي جي اجازت نه ملڻ تي پ پ ۽ ن ليگ ڪارڪن 2 ڏينهن اڳ ئي رنڊڪون ٽوڙي قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا.

جلسي جي سلسلي ۾ پ پ طرفان قلعي قاسم تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي قيادت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽن علي حيدر گيلاني ۽ موسيٰ گيلاني ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري کي گهنٽا گهر چوڪ ملتان تي مقرر ڪيو ويو هو.

ان موقعي تي پ پ ڪارڪن سموريون رنڊڪون ۽ پوليس جو گهيرو ٽوڙي قلعي ڪهنه قاسم ۾ داخل ٿي ويا، جڏهن ته پ پ اڳواڻ عبدالقادر گيلاني به گهنٽا گهر کان جلسي گاهه پهتو، جنهن دوران پوليس ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جهيڙو پڻ ٿيو.

پ پ ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان موجب موسيٰ گيلاني جي قيادت ۾ ڪارڪنن جلسي گاهه جو انتظام سنڀالي ورتو آهي، جيالا ريلي جي صورت ۾ قلعي ڪهنه قاسم آباد اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا آهن ۽ اسٽيڊيم ۾ آجياڻي واري ڪئمپ به لڳائي ڇڏي آهي.

پ پ اڳواڻ موسيٰ گيلاني جو چوڻ هو ته جلسو هر صورت ۾ قلعي ڪهنه باغ اسٽيڊيم ۾ ڪنداسين، اڄ پوليس ۽ انتظاميا جون سموريون رنڊڪون ٽوڙي ڇڏيون آهن، دَر ٽوڙي اسان اسٽيڊيم جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

هوڏانهن ن ليگ ڪارڪنن به مقامي اڳواڻن جي قيادت ۾ قاسم باغ جا دَر ٽوڙي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.