اداڪارا رباب هاشم شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي ڊرامن جي ناليواري اداڪارا رباب هاشم شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.

رباب هاشم انسٽاگرام تي پنهنجي ونواهه جون تصويرون شيئر ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو هو،

جنهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن اداڪارا رباب هاشم جي شادي  جي تقريب منعقد ٿي.

سادگيءَ سان سڃاتي ويندڙ اداڪارا پنهنجي شادي جي ٻئي ڏينهن نڪاح جون تصويرون پنهنجي انسٽاگرام تي جاري ڪيون، جنهن هوءَ انتهائي خوبصورت نظر اچي رهي آهي.

اداڪارا رباب هاشم جي شادي صهيب شمشاد سان ٿي آهي ۽ هن پنهنجي مڙس بابت ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا. سوشل ميڊيا فالوورز ۽ مداحن طرفان رباب هاشم کي شادي جو واڌايون ڏنيون پيون وڃن ۽ سندس زندگي جي نئين سفر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.