گوگل جي ڊوڊل ذريعي مشهور اديبا ۽ افسانه نگار بانو قدسيه کي ڀيٽا پيش

لاهور (ويب ڊيسڪ) گوگل ڊوڊل ذريعي مشهور اديبا ۽ انسانه نگار بانو قدسيه کي هن جي سالگرهه جي موقعي تي بهترين انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

مرحوم اديبا اشفاق احمد جي گھرواري ۽ مشهور ليکڪ بانو قدسيه کي گوگل طرفان سندس سالگرهه جي موقعي تي هن جدمتن کي نظر ۾ رکندي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.

بانو قدسيه 28 نومبر 1928ع ۾ ڀارت جي جي اوڀر پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ ڄائي، هن ايف اي اسلاميه ڪاليج لاهور ۽ بي اي ڪينيئرڊ ڊاليج مان ڪئي جڏهن ته 1949ع ۾ گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ هوءَ ان وقت پاڪستان لڏي آئي هئي.

ان کان پوءِ بانو قدسيه گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ ايم اي اردو ۾ داخلا ورتي ۽ اتي اشفاق احمد هن جو ڪلاس فيلو هو ۽ ٻنهي ڊسمبر 1956ع ۾ شادي ڪئي.

اديبا 27 ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن جنهن ۾ ”راجا گِدهه“، ”امر بيل“، ”باز گشت“، ”آڌي بات“، دوسرا دروازا“ ۽ ” توجه ڪي طالب“ قابل ذڪر آهن جڏهن ته هن جا ناول راجه گده ۽ آڌي بات کي ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي. ان کان سواءِ هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ به ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا.

پاڪستان جي حڪومت طرفان هن جي ادبي خدمت جي اعتراف ۾ 2003ع ۾ ”ستارا امتياز“ ۽ 2010ع ۾ ”هلال امتياز“ سان نوازيو ويو جڏهن ته ان کان سواءِ هن کي ڪيترائي قومي ۽ عالمي ايوارڊ به ڏنا ويا پر اهو اردو ادب جو چمڪندڙ ستارو ڊگھو عرصو بيمار رهڻ بعد 88 ورهين جي عمر ۾ وسامي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.