او آءِ سي جو گڏيل قومن کان مذهب جي توهين کي ڏوهه قرار ڏيڻ جو مطالبو

نيامي (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) گڏيل قومن کان مذهب جي توهين کي ڏوهه قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

او آءِ سي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته مذهب جي بي حرمتي تي پابندي لڳائڻ لاءِ ٺهراءُ جاري ڪيو وڃي.

اسلامي سهڪار تنظيم چيو آهي ته او آءِ سي اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر مخالفت ڪري ٿي، اظهار جي آزادي جو مطلب عالمي دنيا ۾ فرقي واريت پيدا ڪرڻ ناهي.

هوڏانهن او آءِ سي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثيمين مسلم پرڏيهي وزيرن جي 47هين سيشن سان خطاب ۾ چيو ته دهشتگردي عالمي مسئلو آهي، اهو هاڻوڪي دور جو ڪينسر آهي.

هن چيو ته اسلام دشمن موقف مذمت جوڳو آهي، ڀلي ڪير به ان جو ذميوار هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.