ملتان (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ 30 نومبر تي هر صورت ۾ ملتان ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب حڪومت پي ڊي ايم کي ملتان ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي قاسم باغ کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هٿ ٺوڪيا جيالن کان ڊنل آهن، ڇا به ڪيو، 30 نومبر تي پي ڊي ايم سان گڏ يوم تاسيس ملهائڻ کان پ پ کي ڪير به نٿو روڪي سگهي.
هوڏانهن ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قاسم باغ اسٽيڊيم نه کوليو ويو ته پوءِ سڄي ملتان ۾ جلسو ٿيندو.