نواز ۽ شهباز شريف جي ماءُ بيگم شميم اختر جي جاتي امرا ۾ تدفين

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي مرحومه ماءُ بيگم شميم اختر جو مڙهه لنڊن کان پاڪستان پهچائڻ کانپوءِ جنازي نماز بعد جاتي امرا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

بيگم شميم اختر جو مڙهه ڇنڇر جي صبح لاهور پهچايو ويو، جيڪو ايئرپورٽ تي شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز وصول ڪيو، جنهن کانپوءِ مڙهه شريف ميڊيڪل سٽي جي سرد خاني منتقل ڪيو ويو هو.

پوءِ شريف ميڊيڪل سٽي جي گرائونڊ ۾ مفتي راغب نعيمي شميم اختر جي جنازي نماز پڙهائي، جنهن ۾ شريف خاندان جي ماڻهن سميت سياسي سماجي شخصيتن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

بيگم شميم اختر جي جنازي نماز وقت سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته ڪارڪنن کي سڌي ريت شريف ميڊيڪل سٽي جي گرائونڊ ۾ پهچڻ جو چيو ويو هو، ان سلسلي ۾ جاتي امرا ويندڙ مک شاهراهه کي رنڊڪون هڻي بند ڪيو ويو هو ۽ عام گاڏين جي داخلا جي پابندي هئي.

جنازي نماز کانپوءِ بيگم شميم اختر جو مڙهه جاتي امرا نيو ويو، جتي ان جي تدفين ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.