”نواز شريف ماءُ کي دفنائڻ نه آيو ته اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو“

 

ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير بريگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي ماءُ کي دفنائڻ نه آيو ته اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو.

ننڪانه صاحب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه چيو ته بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ سک ياترين کي سموريون سهولتون ڏينداسين، ڀارت طرفان وڌيڪ سک ياترين کي پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهي آهي پر جيڪو ڪجهه ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي، لڳي نه ٿو ته ٻئي حڪومتون ويجهو اينديون.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا پر نواز شريف پنهنجي ماءُ کي دفنائڻ نه آيو ته اسان جي چوڻ تي ڪيئن ايندو، جڏهن ته حڪومت نواز شريف جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن هو پنهنجي سزا پاڪستان ۾ ڪاٽي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.