لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو ڀاڻيجن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل پاڙي جي رهواسي پورهيت گهر ڀاتين سان گڏجي ڀاڻيجن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسي مولابخش بروهي پنهنجي گهر واري نور خاتون، ڌيءُ پروين ۽ ٻارن سان گڏجي دانهيندي چيو ته آءُ پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏجي قطر جي شهر دوها ۾ رهندو آهي جتان جي شهريت مليل آهي 10 سال اڳ آءُ گهر ڀاتين سان گڏجي دوها ڇڏي پاڪستان پهچي شهر جي ڪوثر مل واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي جڏهن ته منهنجو نوجوان پٽ 2012ع کان قطر پوليس ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آهي جنهن جي شادي 5 جولاءِ 2014ع تي ڀاڻيجي صائمه ڌيءُ عبدالحق کوسو سان ٿي جنهن مان کيس ٻن ٻارن 3 سالن جي ڌيءُ زينب ۽ ڏيڍ سال جي پٽ علي بروهي جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته ننهن صائمه جي دماغي توازن شادي کان اڳ خراب هئي ۽ شادي کان بعد هو مسلسل گهر ۾ مون سميت گهر واري ۽ ٻين گهر ڀاتين سان جهيڙا ڪري ڌار ٿيڻ توڙي مڙس جي پگهار ڏيڻ جو چيو اهڙي معاملي کان پوءِ منهنجي پٽ قطر مان پاڪستان ايمبيسي جي ذريعي گذريل 13 سيپٽمبر تي پنهنجي گهر واري صائمه کي طلاق ڏني هينئر ڀاڻيجا پوليس انسپيڪٽر نورالله کوسو، اي ايس آءِ نصرالله، وائرليس آپريٽر مجيب الله، ڪائونسلر حزب الله کوسو ۽ شوروم مالڪ سفير الله کوسو پنهنجي ڀيڻ صائمه جي نالي کي انيس خاتون ۽ پٽ کي ثمن بروهي ڄاڻائيندي مسلسل اسان کي بليڪ ميل ڪري غلط الزام لڳائي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ توڙي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن خلاف ايس ايس پي آفيس ۾ درخواست ڏني.

جنهن معاملي جي جاچ ڊي ايس پي ميران خان دراني طرفان ڪيو پيو وڃي پر ان جي باوجود ڀاڻيجا پٽ جي اڌ پگهار ۽ سڄي ملڪيت لکي ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن جن مان سمورن گهر ڀاتين کي جان جو خطرو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀاڻيجن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.