خيرپور ۾ سوڀوديرو واسي جو بااثر خلاف احتجاج

خيرپور (ڊ ر )   تعلقي جي ڳوٺ سمي جو رهواسي ممتاز ملاح پريس ڪلب خيرپور پهچي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو هڪ پڙهيل لکيل فيملي سان واسطو آهي مون کي پنهنجو هڪ پرائيويٽ اسڪول ۽ ٻيا ڪاروبار آهن، پرهاڻي علائقي جو بااثر  غلام اڪبر منڱڻيجومون کان ڀتو گهري رهيو آهي،جيڪو نه ڏيڻ تي منهنجي مٿان ڏمرجي پيو آهي ۽ مون مٿان هر هنڌ ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان پيو ڪري ،جڏهن ته بااثر غلام اڪبر منڱڻيجو خلاف مون  مٿان ٿاڻي تي هڪ اين سي داخل ڪئي هئي ،جنهن جي جاچ  ايس ايس پي آفيس  خيرپور ۾ ٿي جتي  به هو ڪوڙو ثابت ٿيو ۽ اتي  هن لکي ڏنو ته  مان هن کي ڪڏهن به تنگ نه ڪندس ،ان جي باوجود هو مون کي  تنگ ڪري رهيو آهي،هن چيو ته غلام اڪبر مڱڻيجو مان مونکي جاني ۽ مالي خطرو آهي،  هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بااثر ٺڳ ڪوڙي ماڻهو اڪبر منڱڻيجو مان منهنجي جان ڇڏائي وڃي ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.