ورچوئل يونيورسٽي تعليم پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (پ ر) ورچوئل يونيورسٽي پاران ڪورونا جي حالتن دوران تعليمي سرگرمين جي پاليسي جي حوالي سان اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه يونيورسٽي جي ريڪٽر نعيم طارق هڪ اعليٰ سطح گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته هلندڙ سيمسٽر ۾ سموريون سرگرميون بنا ڪنهن تعطل جي هلنديون رهنديون. يونيورسٽي ۾ سمورين ڊگرين جا ڪلاس بنا ڪنهن دير سان شروع ٿيندا. نعيم ملڪ وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ڊگري پروگرام جو ڪو به امتحان ملتوي نه ٿيندو، ڪلاس جديد لرننگ مئنجمنٽ سسٽم تحت آن لائين ورتا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ڊجيٽل پاڪستان جي نظرين مطابق ڪنهن به شاگرد جي پڙهائي کي نقصان نه ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.